SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ويڙهه پسندي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ويڙهه پسندي

Jingoism

جِنگو اِزم

جيڪي رياستون جنگي ۽ ويڙهاڪ ذهنيت ذريعي ٻين رياستن سان لهه وچڙ ۾ اينديون آهن، تن لاءِ هيءُ اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي. هيءُ بنيادي طور ”باسق“ (Basque) ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ سندس عظيم ديوتا جي نالي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. انهيءَ لفظ جو استعمال انگلنڊ جي بادشاهه ايڊورڊ پهرئين طرفان ويلز مٿان ٿيل ڪاهن جي دوران، ڪرايي تي ڀرتي ٿيل سندس سپاهين واتان ٻڌو ويو هو. 1878ع ۾ اهو لفظ مشهور انگريزي ڳائڻي G.W Hunt پنهنجي مشهور گيت We don’t want fight, yet by jingo. ۾ پڻ تڏهن استعمال ڪيو، جڏهن ساڳئي سال روس ترڪيءَ جي علائقن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن گيت جو مقصد انگلينڊ جي فوج ۽ عوام ۾ اتساهه پيدا ڪري روسي اڳرائيءَ کي روڪڻ هُئو. اڄوڪي دؤر ۾ ”جِنگو اِزم“ مان انتهاپسنديءَ تي ٻڌل قوم پرستي يا شدت پسندي ۽ پرستاريت جو مقصد ورتو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سياسي اڪيلائپ (Isolationism) کي به هن تصور سان سلهاڙيو وڃي ٿو. آمريڪي صدر ’جان ايف ڪينيڊي‘ ڪنهن دور ۾ آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ موجود هن لاڙي جي سخت مخالفت ڪئي هُئي


Remember Me Also:

حادث

صفت. [ع. حَدَثَ = ٿي پيو] نئين طرح وجود ۾ اچڻ وارو ، نئون پيدا ٿيل ، نئين شيءِ جا اڳ ۾ وجود ۾ نه هجي ، هاڻي شروع ٿيل ، جديد ، تازو. فنا ٿيندڙ جيڪا شيءِ وجود ۾ آندي ويئي آهي، اها لازمي طور فنا ٿيڻ واري آهي. زوال کي پهچندڙ ، فاني. ڪِنايَةُ”مخلوق“ يعني جي

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal